راڻو رتن سنگهه

راڻو رتن سنگهه: رتن سنگهه'>راڻو رتن سنگهه، راڻي انندسنگهه جو پٽ ۽ راڻي مهراج جو سؤٽ هو. 1843ع تي سنڌ تي قبضو ڪرڻ کانپوءِ انگريزن ٿرپارڪر جي پارڪر، ڏيپلي، مٺي ۽ اسلام ڪوٽ وغيره وارا حصا، ڪڇ جي اسسٽنٽ پوليٽيڪل ايجنٽ جي هٿ ۾ ڏنا هئا ۽ گڍڙي، ڇاڇري، چيلهار ۽ ٿر جي باقي حصي کي، عمرڪوٽ سوڌو حيدرآباد سان ملايو ويو هو. ٻنهي حصن ۾ سوڍن جا راڄ هئا، جيڪي خودمختيار حيثيت ۾ سرڪار کي ڍلون وغيره نه ڏيندا هئا. راڻو مهراج، مصلحت پسند ۽ گهٽ طاقتور هو، جنهن انگريزن کي 1844ع ڌاري درخواست ڏئي ڍلون وغيره معاف ڪرايون هيون، جڏهن ته راڻي ڪرڻ جي، اُڌيسنگهه سوڍي ۽ روپلي ڪولهيءَ پنهنجي ساٿين سميت 1959ع تائين انگريزن جي اقتدار کي تسليم نه ڪيو هو، ۽ ساڻن ويڙهاند ۽ بغاوت جاري رکي. سرڪاري آفيسن ۽ ٿاڻن کي باهيون ڏنيون ۽ ڍلن ڏيڻ ۽ سرڪاري حڪمن کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. 1858ع ۾، ٿر جو حيدرآباد سان ملايل حصو، پوليٽيڪل سپرنٽينڊنٽ، ليفٽيننٽ ڪرنل تروٽ جي هٿ ۾ 1873ع تائين رهيو، جڏهن ته سندس هيڊڪوارٽر عمرڪوٽ هو. 1859ع ۾ باغي سوڍن، روپلي ۽ ان جي ساٿين مڏي ۽ ڏجي جي شهادتن کانپوءِ، انگريزن سموري ٿرپارڪر ۾ سوڍن/ راڻن کان ڍلون اوڳاڙڻ شروع ڪيون ۽ مٿن لائسنس کان سواءِ هٿيارن رکڻ تي پابندي وجهڻ سان گڏ راڻن کي ڏنل سهولتون واپس ورتيون. ان روش تي راڻو مهراج، پنهنجي صلح پسند طبيعت سبب خاموش رهيو، پر سندس سؤٽ رتن سنگهه'>راڻو رتن سنگهه، جيڪو دلير ۽ حشمت وارو شخص هو، اُن انگريزن جا بي واجبي حڪم ۽ قاعدا مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. هن راڻن جي خودمختيار حيثيت جي بحاليءَ لاءِ ماڻهن کان ڍلن جي زوريءَ وصولي ۽ زمينن تي انگريزن جي قبضي خلاف بغاوت ڪئي ۽ انگريزن ۽ سندن حامين خلاف ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون. هن ماڻهن کي ’راڻن جو پراڻو قانون‘ مڃڻ ۽ انگريزن جا حڪم نه مڃڻ لاءِ ڀڙڪايو. انگريز عملدار ڪرنل تروٽ کيس ريبڻ ۽ ريجهائڻ لاءِ ڪيترائي ڄار وڇايا، پر هي باز نه آيو ۽ پنهنجون ڪارروايون جاري رکيائين. هڪ وقت پنهنجي هڪ دوست جي خاطريءَ تي رتن سنگهه'>راڻو رتن سنگهه تروٽ سان ڳالهين لاءِ به راضي ٿيو. انگريز عملدار راڻن کي عمرڪوٽ ڀرسان جاگير ڏيڻ ۽ ڪسٽم ڊيوٽيءَ جي اوڳاڙيءَ مان سالياني رقم ڏيڻ جو وعدو ڪيو، پر راڻي رتن سنگهه اهڙين رعايتن وٺڻ ۽ انگريزن جي قانون مڃڻ کان نابري واري ڇڏي. ان کانپوءِ انگريزن ڍل اوڳاڙيءَ جو مقاطعو راڻن کان ختم ڪري، سيد محمد علي شاهه نالي پنهنجي هڪ وفادار شخص کي ڏنو، جنهن ڍل اوڳاڙيءَ جي سلسلي ۾ ماڻهن تي بيحد سختي ڪئي. ماڻهن جون شڪايتون جڏهن راڻي رتن سنگهه تائين پهتيون ته هن ماڻهن کي منع ڪري ڇڏي ته سرڪاري ماڻهوءَ کي ڪنهن به صورت ۾ ڍل نه ڏني وڃي. ان تان سيد محمد علي شاهه ۽ راڻي رتن سنگهه ۾ ناسازي وڌي وئي، ٻنهي جي وچ ۾ ويڙهه ٿي ۽ محمد علي شاهه راڻي رتن سنگهه هٿان قتل ٿي ويو. انگريزن پنهنجي وفادار شخص جي قتل جو ٻڌي، راڻي رتن سنگهه جي گرفتاريءَ لاءِ پوليس جو وڏو اٽالو ڏياري موڪليو ۽ ڏيهي رياستن کي خط لکي موڪليا ته راڻي کي گرفتار ڪيو وڃي. رتن سنگهه'>راڻو رتن سنگهه، پنهنجي وفادار گهوڙيءَ تي سوار ٿي جوڌپور طرف روانو ٿيو ۽ عمرڪوٽ کان اٽڪل سؤ ڪوهن جي پنڌ تي ٿڪ سبب گهوڙيءَ تان لهي، گهوڙيءَ کي وڻ سان ٻَڌي، ڀرسان ليٽي پيو. اوچتو پوليس جي آسپاس چرپر ڏسي گهوڙي هڻڪارڻ ۽ دڙها هڻڻ لڳي. راڻي سجاڳ ٿي آسپاس نهاريو، ته کيس ڪجهه نظر نه آيو ۽ وري بي اونو ٿي سمهي پيو. ترت پوليس اچي پهتي ۽ کيس ننڊ ۾ ئي گرفتار ڪري ورتائون. کيس ڪرنل تروٽ وٽ پيش ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ راڻي رتن سنگهه کي عمرڪوٽ جي قلعي ۾ قيد ڪري سندس ڪيس سرڪار کي موڪليو ويو، جتان حڪم پهتو ته راڻي رتن سنگهه کي عمرڪوٽ جي قلعي ۾ ڦاسي ڏني وڃي. تيج سنگهه سولنڪيءَ، پنهنجي ڪتاب ’امرڪوٽ: سنڌ جو اتهاس‘ ۾ لکيو آهي ته: ”چيو وڃي ٿو ته کيس (راڻي رتن سنگهه کي) ڦاسي چاڙهڻ کان ٿورو اڳ سرڪاري تار پهتي ته راڻي رتن سنگهه کي ڦاسي نه ڏني وڃي، پر اها تار هلنديءَ وارن [انگريزن جي وفادار] برهمڻن [۽ انتظاميه] ان وقت تائين روڪي ڇڏي، جيستائين راڻي رتن سنگهه کي ڦاسيءَ تي لٽڪايو ويو، پوءِ جڏهن اُها تار تروٽ کي پهچائي وئي ته هن کي بيحد ڏک ٿيو.“ (ص: 70)
راڻي رتن سنگهه کي 1886ع ۾ ڦاسي ڏني وئي هئي. سندس گهوڙيءَ لاءِ چون ٿا (جيڪا ڳالهه اڳوڻي ٽئين ڪلاس جي ڪتاب ۾ به ڏنل آهي) ته راڻي جي گرفتاريءَ کانپوءِ سندس گهوڙي به ضبط ڪري نيلام ڪئي وئي هئي، جيڪا هڪ سوناري خريد ڪئي هئي. سوناري گهوڙيءَ جي ڪافي خدمت ڪئي ۽ کيس کائڻ لاءِ جام داڻو ۽ گاهه ڏنو، پر گهوڙيءَ راڻي رتن سنگهه جي غير موجودگيءَ ۾ کاڌو پيتو ڇڏي ڏنو ۽ نيٺ سوناري جي گهران رسو ڇنائي ڀڳي ۽ عمرڪوٽ جي قلعي چڙهڻ جي ڪوشش ڪندي ڦٿڪندي مري وئي. اڃا تائين عمرڪوٽ جي قلعي جي مکيه دروازي جي برج تي گهوڙيءَ جي انهيءَ سُنب جو نشان ڏسڻ ۾ اچي ٿو. (حوالو: ’امرڪوٽ جو اتهاس‘، ص: 74)
عوامي شاعرن راڻي رتن سنگهه جي شان ۾ ڪيترا لوڪ گيت چيا، جيڪي اڄ به اُن علائقي ۾ مشهور آهن، جهڙوڪ:
مهارا رتن راڻا ايڪر سو امراڻي گهوڙو ڦير،
امراڻي ۾ ٻولي سوها مور، هو جِي هو!
-
امراڻي ۾ گهور انڌار، هان ري مهارا سوڍا راڻا،
امراڻي ۾ هو گهور انڌار، هو جِي هو!


لفظ راڻو رتن سنگههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو